سيد باغن شاهه:

سيد باغن شاهه: صوفي بزرگ ۽ شاعر سيد باغن شاهه، سيد ڏتل شاهه ڀل واري (تعلقي شڪارپور) جو طالب هو. سيد باغن شاهه، خير محمد صوفيءَ جو صحبتي هو ۽ بيدل فقير جو به معتقد هو. جڏهن ته شاهه نصير الدين نوشهري فيروز واري جو پڻ طالب هو. سلوڪ وارو فقير هو. سندس هڪ ڪافي اوڻويهين صدي عيسويءَ جي اوائل ۾ هري سنگهه جي ڇپايل ڪافين واري ڪتاب ۾ شامل آهي، جنهن سان ڄاڻ پوي ٿي ته سيد باغن شاهه ان وقت جي حال حيات هو يا ان کان ٿورو اڳ گذاري ويل هو. سندس ڪافيءَ جو نمونو هي آهي:
عشق آهي آفات، وجھي ٿو ونگ وڇيرن کي،
انهيءَ اڏيءَ تي ڪيئي آيا، ڪانه پڇي ٿو ذات،
ڪاملن جي آ ڪار ڪسڻ جي، طالبن کي اها تات،
سورهين تات سر ڏيڻ جي، ڏينهن توڙي رات،
’باغن شاهه‘ برهه بقا جي، سالڪ سمجھه صفات.


هن صفحي کي شيئر ڪريو